عبدالستار خان گبول

عبدالستار خان گبول

عبدالستار خان گبول

عبدالستار خان گبول: سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن بئريسٽر نواب خان گبول'>عبدالستار خان گبول 1934ع ڌاري لياري، ڪراچي ۾ نواب الله بخش خان گبول جي گهر ۾ جنم ورتو. ڪراچي جي مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد برطانيا جي لنڪنس اِن نالي اداري مان بار ائٽ لا جي ڊگري حاصل ڪيائين. واپس وطن اچڻ بعد ڪجهه عرصو وڪالت ڪيائين. سندس شمار پاڪستان جي مشهور قانوندان ۾ ٿيندو هو. ذوالفقار علي ڀُٽي جي دوستيءَ کيس سياست جي ميدان ۾ آندو. پيپلز پارٽيءَ جي قيام واري پهرين اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، پاڻ پيپلز پارٽيءَ جي باني اڳواڻن مان هو. 69-1968ع ۾ ايوب خان جي خلاف ڀرپور تحريڪ هلائڻ سبب مٿس ڏکيا ڏينهن آيا. مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا. جنهن سبب کيس روپوشي اختيار ڪرڻي پئي. 1970ع واري اليڪشن ۾ ڪراچيءَ جي اين. اي 130 تان پيپلز پارٽيءَ کيس ٽڪيٽ ڏني وڏي اڪثريت سان کٽي قومي اسيمبلي پهتو. ذوالفقار علي ڀٽي کيس محنت ۽ افرادي قوت واري کاتي جو وفاقي وزير بڻايو. 1972ع ۾ گورنر سنڌ جو صلاحڪار مقرر ٿيو. ان بعد سنڌ جي صوبائي ڪابينا ۾ صحت، محنت ۽ سماجي بهبود جو وزير پڻ رهيو. هن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ واري مسئلي تي پيدا ٿيل فسادن کي ختم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار اد ا ڪيو. 1977ع واري اليڪشن ۾ ٻيهر قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان کٽي ساڳئي وفاقي کاتي ۾ وزير ٿيو. هن ڪيترائي غير ملڪي دورا ڪيا. مختلف ملڪن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. ڪيترائي دفعا گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستاني وفد جي سرواڻي پڻ ڪيائين. ضياءَ جي دؤر ۾ لياريءَ جي عوام کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. ان موقعي تي هن ضيائي آمريت خلاف ڀرپور احتجاج ڪرايا. لياريءَ کي ترقي ڏيارڻ، تعليم عام ڪرائڻ ۽ انڊسٽري قائم ڪرائڻ ۾ سندن اهم ڪردار رهيو. بئريسٽر عبدالستار 23 جولاءِ 2006ع تي وفات ڪئي. سندس مزار لياريءَ جي ميوا شاهه واري قبرستان ۾ آهي.


لفظ عبدالستار خان گبولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2006.07.23  عيسوي

نواب عبدالستار خان گبول 1934ع ڌاري لياري، ڪراچي ۾ نواب الله بخش خان گبول جي گهر ۾ جنم ورتو.بئريسٽر عبدالستار 23 جولاءِ 2006ع تي وفات ڪئي. سندس مزار لياريءَ جي ميوا شاهه واري قبرستان ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊيو علي خان
بهاول خان انڙ
سيد صادق علي شاهه سبزواري
ٻگهيو عزيز الرحمان ڊاڪٽر
چٺا حامد ناصر
دادي ليلاوتي هرچنداڻي
ابوالليث صديقي ڊاڪٽر
راشده علي پروفيسر
جالنڌري حفيظ
افتخار احمد سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون